ٺلهه مارو

ٺلهه مارو

ٺلهه مارو

ٺلهه مارو: هي آثار ديهه ۽ تپي فريدآباد، تعلقي ميهڙ ضلعي دادو جي سروي نمبر 21-/656 ۾ واقع آهي. آثار جي ڀر ۾ ڳوٺ قادر بخش رند سڏ پنڌ تي آهي. هي ٺلهه ثقافتي دڙي تي ٺهيل آهي جو زمين کان اٽڪل 15 فوٽ کن مٿي آهي ۽ ڀرپاسي ۾ قبرستان اٿس. ٺلهه ٽن تهن ۾ ٺهيل آهي. وچون حصو گول، چار ميٽر اوچو ۽ 120 س. م گهيري سان آهي. پڪين سرن مان ٺهيل هي حصو اصل مٽيءَ جي گاري سان لتل هو. انهي جي ٻاهران وري 60 س.م ٿولهه وارو هڪ تهه آهي، جو مٿي ٿولهه ۾ گهٽبو وڃي ٿو. انهن ٻن تهن جي مٿان ٽيون تهه آهي جو هڪ ميٽر ٿولهه وارو آهي. هي به مٿي سوڙهو ٿئي ٿو. بهرحال هي اولهه پاسي کان چاڙهي ٺهيل آهي جيڪا ٺلهه جي چوٽيءَ تائين پهچي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو